ملير ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو پي ايس 87 تي نامزد اميدوار شريف احمد خان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو

ملير ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو پي ايس 87 تي نامزد اميدوار شريف احمد خان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو ملير جي صوبائي تڪ پي ايس 87 تي نامزد اميدوار شريف احمد خان زخمن جا سور نه سهندي جناح اسپتال ۾ دم ڏنو.

شريف احمد خان گذريل رات گڏاپ واري علائقي کان واپس ملير ويندي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيو هو.

تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ترجمان موجب حادثي جو اتفاقي هئڻ يا نه هئڻ بابت ڪجهه نٿا چئي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*