الطاف حسين کي انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي رجسٽريشن ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي

ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين کي انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ، سندس بيانن تي پابندي لڳائڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي رجسٽريشن ختم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي هٽائي صولت مرزا جي ڦاهي سزا جنم ٽيپ ۾ تبديل ڪئي وڃي.

ايڊووڪيٽ بئريسٽر ظفر الله سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته الطاف حسين خلاف ڪراچي ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿي چڪو آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته الطاف حسين برطانيه جو شهري آهي ۽ لنڊن مان ويهي پاڪستان جون حالتون خراب ڪرائيندو آهي، تنهن ڪري سندس بيانن تي به پابندي لڳائي وڃي.

درخواست ۾اها استدعا به ڪئي آهي ته الطاف حسين کي انٽرپول ذريعي ڏيهه آندو وڃي ۽ کائنس پاڪستان ۾ جاچ ڪئي وڃي.

بئريسٽر ظفر الله درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو آهي ته صولت مرزا جي ڦاهي سزا جنم ٽيپ ۾ تبديل ڪري گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي عهدي تان هٽايو وڃي ۽ صولت مرزا جن به اڳواڻن تي الزام لڳايا آهن، انهن اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

درخواست ۾ ايم ڪيو ايم جي سياسي رجسٽريشن ختم ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*