فريد آباد ۾ گائينچا برادري جي ماڻهن طرفان پوليس جي مبينا زيادتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

فريد آباد ۾ گائينچا برادري جي ماڻهن طرفان پوليس جي مبينا زيادتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

گائينچا برادري جي مردن ۽ عورتن عورتن مسمات ماري، صحت خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهه گودڙيو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته فريد آباد پوليس قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار جي آڙ ۾ سندن گهرن  ته پرائيوٽ ماڻهن سان گڏجي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو.

هنن وڌيڪ چيو ته پوليس واپاري محبت گائينچو کي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ ايس ايس پي دادو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*