ڪراچي جي جڊيشل ميجسٽريٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حسين لوائي ۽ طحه رضا کي 19 جولاءِ تائين عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي جڊيشل ميجسٽريٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حسين لوائي ۽ طحه رضا کي 19 جولاءِ تائين عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو، حسين لوائي ۽ طحه رضا ضمانت درخواست داخل ڪرائي، عدالت ايف آءِ اي ۽ ڌرين کي 23 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار حسين لوائي ۽ طحه رضا کي ايف آءِ اي پاران ڪراچي جي جڊيشل ميجسٽريٽ سائوٿ وٽ پيش ڪيو ويو.

عدالت ٻڌڻي دوران حسين لوائي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جوابدارن جي ڪيس بابت ڇا ٿيو؟

وڪيل جواب ڏنو ته حسين لوائي عدالت کي ٻڌايو ته مٿس لڳايل الزام غلط آهن، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ هلائڻ جو حڪم ڏنو.

حسين لوائي جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو وڃي، ڇاڪاڻ ته جوابدارن کان ڪا به رڪوري ناهي ڪرڻي.

ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت ۾ چيو ته 47 اڪائونٽس آهن جن جا تفصيل معلوم ڪرڻا آهن، جاچ لاءِ جوابدارن جو جسماني رمانڊ گهربل آهي.

عدالت، ايف آءِ اي جي رمانڊ ڏيڻ واري درخواست رد ڪندي حسين لوائي ۽ طحه رضا کي عدالتي رمانڊ تي 19 جولاءِ تائين جيل حوالي ڪيو.

حسين لوائي ۽ طحه رضا وڪيل معرفت عدالت ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت، ايف آءِ اي سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ۽ ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*