ڪراچي ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل اهلڪارن ڪارروائي دوران 2 هزار کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون چوري ۾ ملوث کوکر گروپ جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

ڪراچي ۾ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل اهلڪارن ڪارروائي دوران 2 هزار کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون چوري ۾ ملوث کوکر گروپ جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس سي ايل سي موجب واردتن ۾ هڪ ئي خاندان جا 25 ماڻهو ملوث آهن.

ايس ايس پي ايس سي ايل سي جي موجب ڪراچي ۾ ڪارروائي دوران موٽرسائيڪلن جي چوري ۾ مولوٽ کوکر گروپ جي انتهائي گهربل ٻن جوابدارن صابر عرف ڪالا ۽ اشريف کوکر کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي اسد رضا چيو ته گرفتار جوابدارن سان گڏ خاندان جا 25 کان وڌيڪ ماڻهو موٽرسائيڪلن جي چوري ۾ ملوث آهن.

ايس ايس پي ايس سي ايل سي  چيو ته جوابدارن 10 سالن دوران 2 هزار کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون چوري ڪري وڪرو ڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*