اليڪشن ڪميشن، عام چونڊن ۾ امن امان برقرار رکڻ سڪيورٽي ادارن سان رابطا وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن، عام چونڊن ۾ امن امان برقرار رکڻ سڪيورٽي ادارن سان رابطا وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، نيڪٽا اختيارين چيو آهي ته، چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، ملڪ ۾ چونڊن کي نقصان پهچڻ جو خطرو نه آهي.

اسلام آباد  ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيڪٽا عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ملڪ اندر جاري دهشتگردي جي تازي لهر ۽ عام چونڊن جي موقعي تي سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، اجلاس دوران دهشتگردي جي تازي لهر ۽ مستونگ ۽ پشاور ۾ ٿيل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

اليڪشن ڪميشن، نيڪٽا ۽ ٻين ادارن کي رابطا ۾ فقدان ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي سڪيورٽي صورتحال بابت آگاهه ڪرڻ جو سلسلو جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، ڪنهن به اميدوار تي دهشتگرد حملي جو خطرو نه آهي، عوام مايوس نه ٿئي.

ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن توانائي کاتي جي سيڪريٽري کي خط لکي چيو هو ته 25 جولاءِ تي لوڊشيڊنگ کانسواءِ سڄو ڏينهن بجلي فراهم ڪئي وڃي.

خط ۾ چيو ويو هو ته  25 جولاءِ تي صبح جو 8 کان شام جو 6 وڳي تائين پولنگ ٿيندي، ان کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ ۾ به وقت لڳي ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*