قومي احتساب بيورو، پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني ۾ 63 ارب رپين جي ڪرپشن ڪندڙ 3 اڳوڻن آفيسرن سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

قومي احتساب بيورو، پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني ۾ 63 ارب رپين جي ڪرپشن ڪندڙ 3 اڳوڻن آفيسرن سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نيب پاران ميڊيا کي جاري ڪيل ڄاڻ موجب پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني ۾ 63 ارب رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ پي ايس او جي سپلائي جي اڳوڻي جنرل مئنيجر اختر ضمير، خانگي ڪمپني جي چيف آپريٽنگ آفيسر ڪامران افتخار ۽ قيصر جمال کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو.

نيب موجب پي ايس ايو جي اڳوڻي جنرل مئنيجر سيد ذوالفقار جعفري کي اسلام آباد ۽ سينئر جنرل مئنيجر نذر اي زيدي کي گلگت بلتستان مان گرفتار ڪيو ويو.

جوابدارن تي پي ايس او جون پيٽروليم شيون غير قانوني طور تي بائيڪو آئل ڪمپني کي وڪرو ڪري 63 ارب رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*