سڄي ملڪ ۾ اڄ مستونگ سانحي تي سرڪاري سطح تي سوڳ ملهايو پيو وڃي

سڄي ملڪ ۾ اڄ مستونگ سانحي تي سرڪاري سطح تي سوڳ ملهايو پيو وڃي، قومي جهنڊو به اڄ نويل رهندو. پيپلزپارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي پاران سياسي سرگرميون معطل ڪيو ويون آهن.

نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ پاران مستونگ سانحي تي سوڳ جي اعلان بعد سڄي ملڪ ۾ سرڪاري سطح تي سوڳ ملهايو پيو وڃي.

سڄي ملڪ ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ قومي جهنڊو به نويل رهندو،

بلوچستان حڪومت طرفان ٻه ڏينهن ۽ بلوچستان عوامي پارٽي طرفان پنهنجي اميدوار نوابزاده سراج رئيساڻي سميت 131 ڄڻن جي شهادتن تي 3 ڏينهن سوڳ ملهايو پيو وڃي.

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 17 جولاءِ تي ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ جلسو به ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

پيپلزپارٽي به مستونگ سانحي جي شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جي اظهار طور سياسي سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايڏي وڏي سانحي کانپوءِ ڪارڪنن جي حياتي خطري ۾ نٿو وجهي سگهان،

بلاول ڀٽي زرداري چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري قومي اداري اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو آهي ته عام چونڊن ۾ ڪو سنجيدا خطرو نه آهي پر چونڊن کي پرامن بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويندون..

هوڏانهن بلوچستان جي نگران سرڪار پاران شهيدن جي وارثن لاءِ 15-15 لک، سخت زخمين لاءِ 5 لک ۽ معمولي زخمين لاءِ 2 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي،

نگران وڏي وزير علاءُ الدين مري چيو ته مستونگ ۾ حملو چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*