قطر جو امير شيخ تميم بن حماد الثاني پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو

 قطر جو امير شيخ تميم بن حماد الثاني پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرز کيس رخصت ڪيو، سندس دوري دوران پاڪستان ۽ قطر ۾ مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.

وزيراعظم نواز شريف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي  دوري تي پاڪستان پهتل قطر جو امير شيخ تميم بن حماد الثاني ڏيهه واپس روانو ٿي ويو آهي.

وزيراعظم نواز شريف، وفاقي ڪابينا جي وزيرن سميت مهمان کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي رخصت ڪيو.

قطر جي امير جي دوري دوران ٻنهي ملڪن ۾ معاهدن تي صحيحون ٿيون، جنهن ۾ ثقافت ۾ سهڪار، نوجوانن ۽ راندين جي حوالي سان به سهڪار تي مفاهمت جي يادداشت شامل آهي.

ٻنهي ملڪن ۾ پهرين ايگزيڪيوٽو پروگرام تي به صحيحون ڪيون ويون، جنهن تحت ٻئي ملڪ هڪٻئي سان تعليم، سائنس، تحقيق ۽ پيشوراڻي تعليم جي شعبن ۾ سهڪار  ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*