تحريڪ انصاف اڄ سيالڪوٽ ۽ فيصل آباد ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي

تحريڪ انصاف اڄ سيالڪوٽ ۽ فيصل آباد ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جلسي جون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن، جلسي کي عمران خان اڄ شام 6 وڳي خطاب ڪندو.

ملڪ ۾ عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿي رهيون آهن، تحريڪ انصاف پاران سياسي سرگرميون جاري آهن.

تحريڪ انصاف اڄ فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جلسي جون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن.

پنڊال ۾ هزارين ڪرسيون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته جلسي گاهه کي پارٽي جهنڊن ۽ بينرز سان سينگاريو ويو آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اڄ سيالڪوٽ ۾ شام 6 وڳي جلسي کي خطاب ڪندو، سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*