نگران وزيراعظم ناصرالملڪ اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي رهيو آهي

نگران وزيراعظم ناصرالملڪ اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي رهيو آهي، نگران وزيراعظم مختلف اسپتالن جو دورو ڪندو ۽ مستونگ سانحي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪندو، عمران خان به اڄ ڪوئيٽا پهچي رهيو آهي.

نگران وزيراعظم  جسٽس (ر) ناصر الملڪ اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي رهيو آهي،

دوري دوران نگران وزيراعظم مختلف اسپتالن جو دورو ڪندو ۽ مستونگ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن  جي عيادت ڪندو.

نگران وزيراعظم بلوچ اڳواڻ شهيد سراج رئيساڻي جي فاتحه خواني لاءِ سراوان به ويندو.

نگران وزيراعظم ناصرالملڪ اپيڪس اجلاس ۾ شرڪت به ڪندو، جنهن دوران کيس صوبي ۾ امن امان بابت بريفنگ ڏني ويندي.

هوڏانهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به اڄ ڪوئيٽا پهچي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*