مستونگ سانحي جو هڪ وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويو

مستونگ سانحي جو هڪ وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويو، جنهن بعد شهيدن جو انگ وڌي 131 ٿي ويو، نواب زاده سراج رئيساڻي سميت 128 شهيدن جي مختلف قبرستانن ۾ تدفين ڪئي وئي آهي، سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا سميت سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.

مستونگ سانحي جو هڪ وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويو، جنهن بعد شهيدن جو انگ وڌي 131 ٿي ويو

رات دير سان مستونگ سانحي ۾ شهيد ٿيل بي اين پي اميدوار سراج رئيساڻي جي ڪوئيٽا ۾ جنازي نماز بعد مڙهه مستونگ ويجهو اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو،  جڏهن ته 128 شهيدن  جي تدفين مختلف قبرستانن ۾ ڪئي وئي آهي.

ڪوئيٽا سميت مخلتف اسپتالن ۾ 200 کان وڌيڪ زخمين جو علاج جاري آهي، سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ داخل 110 زخمين مان 10 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ٻئي طرف ڌماڪي اوري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، جيڪي معائني لاءِ اماڻيون ويون آهن.

لشڪري رئيساڻي پاران مستونگ سانحي جي جاچ لاءِ ٽرٿ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا سميت سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سياسي پارٽين پاران چونڊ سرگرميون اڄ معطل ڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪوئيٽا جي دوري دوران شهيد سراج رئيساڻي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ شهيد جي وارثن سان ملاقات به ڪئي هئي،

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته شهيد سراج رئيساڻي پاڪستان جو سچو سپاهي هو، رئيساڻي خاندان جي ٽن نسلن وطن لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگرد قوتن کي هر صورت ۾ شڪست ڏينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*