لعلورائنڪ ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران ٽنڊومستي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لعلورائنڪ ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران ٽنڊومستي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ذوالفقار بروهي، مٺل مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ۽ رهواسين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ٽنڊو مستي پوليس بناجواز استاد عبدالوهاب مغيري کي گرفتار ڪري تشدد نشانو بڻائي هزارين روپيه ڦر ڪيا آهن.

هنن حڪومت مطالبو ڪيو ته ٽنڊو مستي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*