نصرپور ۾قبرستان تي قبضي خلاف فرسٽ ايئر جي شاگرد احتجاج طور مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

نصرپور ۾قبرستان تي قبضي خلاف فرسٽ ايئر جي شاگرد احتجاج طور مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، شهرين شاگرد جو لاش چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو، شهرين جو چوڻ آهي ته قبرستان تي قبضو ڪندڙ بااثر خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

مک بس اسٽاپ وٽ ميگهواڙ پاڙي ۾شاگرد نريندر ڪمار گهر جي پکي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو.

اطلاع تي نصرپور پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ٽنڊي الهيار جي سول اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش واپس نصر پور کڻائي آيا.

آپگهات ڪندڙ شاگرد نريندر ڪمار خودڪشي ڪرڻ کان پهرين هڪ خط به لکيو، جنهن ۾هن قبرستان تي قبضي خلاف احتجاج طورآپگهات ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

هوڏانهن اطلاع تي شهرين جو وڏو تعداد فوتي شاگرد جي گهر پهچي ويو، شهرين شاگرد جو لاش کڻائي شهر جي مهراڻ چوڪ تي رکي ڌرڻو هڻي بااثر شخص خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ سياسي سماجي ڪارڪنن چيو ته شهر ڀرسان ديهه ڀاڻوڪي ۾ميگهواڙ برادري جي قبرستان تي بااثر شخص قبضو ڪيو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته قبرستان تي قبضي خلاف فوتي نوجوان پنهنجي والد سان گڏجي احتجاج ڪيو هو، پر انصاف نه ملڻ جي ڪري شاگرد نريندر ڪمار سخت پريشان ۽ مايوس رهندو هو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته قبرستان تي قبضو ڪندڙ بااثر خلاف شاگرد نريندر ڪمار جو قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي.

بعد ۾ نصرپور پوليس احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*