اڊيالا جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي قيدي نمبر 3421 ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز کي قيدي نمبر 3422 جو يونيفارم ملي ويو آهي

اڊيالا جيل ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي قيدي نمبر 3421 ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز کي قيدي نمبر 3422 جو يونيفارم ملي ويو آهي، نوازشريف کي اڍيالا جيل ۾ بي ڪلاس ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مريم نواز بهتر سهولتون وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

اڊيالا جيل ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ 10 سال سزا مليل اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کي قيدي نمبر 3421 ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز کي قيدي نمبر 3422 جو يونيفارم ملي ويو آهي،

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اڍيالا جيل ۾ بي ڪلاس ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مريم نواز جيل ۾ بهتر سهولتون وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

نوازشريف ۽ مريم نواز کي اڍيالا جيل ۾ الڳ الڳ رکيو ويو آهي.

نواز شريف سان سندس والده، شهباز شريف، حمزه شهباز، مريم نواز جي ڌيءُ ۽ ناٺيءَ جي ملاقات به ٿي آهي.

 واضح رهي ته نوازشريف ۽ ٻين ملازمن خلاف ٻين ريفرنس جي ٻڌڻي اڍيالا جيل ۾ هلائي ويندي، جنهن جو قانون واري وزارت طرفان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*