نوابشاهه ويجهو زرعي زمين لاءِ پاڻي وهائڻ تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 26ڄڻا زخمي ٿي پيا

نوابشاهه ويجهو زرعي زمين لاءِ پاڻي وهائڻ تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 26ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمي ٿيلن کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي.

60 ميل ڀرسان ٻاتڙو جي علائقي ۾سيٺار برادريءَ جي 2 ڌرين  ۾ جهيڙي ۾ هڪ ٻئي تي ڪهاڙين ۽ لٺين جو استعمال ڪيو ويو.

 لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي ڪري 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ امتياز، رحمت علي، امير علي، بهادر، مقيم، سجاد، شير محمد، اختيار ۽ ٻيا شامل آهن.

زخمين کي انهن جي وارثن دوڙ ۽ نوابشاهه ۾ اسپتال پهچايو، زخمين مان ٻن جي حالت نازڪ آهي.

 آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، سٺ ميل ٿاڻي پوليس موجب ڌرين جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*