سنڌ جي نگران حڪومت هٿيار کڻي گهمڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي

سنڌ جي نگران حڪومت هٿيار کڻي گهمڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پولنگ اسٽيشنز جي ڀرپاسي به هٿيار کڻي گهمڻ تي پابندي هوندي.

سنڌ جِي نگران حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، اڄ کان 26 جولاءِ تائين هٿيارن جي نمائش تي مڪمل طور پابندي هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پابندي واري حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌ جي نگران حڪومت جو چوڻ آهي ته هٿيارن جي نمائش تي پابندي جو مقصد عام چونڊن ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*