خانپور شهر جي مختلف علائقن ۾  سڙيل ويل 9 ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪرڻ بعد شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

خانپور شهر جي مختلف علائقن ۾  سڙيل ويل 9 ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪرڻ بعد شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شهر ۾ هڙتال سبب شهر جا سڀئي ڪاروباري مرڪز بند رهيا، شهرين غلام حسين سومرو ۽ نور محمد جٽ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ هڪ مهيني دوران 9 ٽرانسفارمر سڙي ويا آهن، سيپڪو عملدار تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن چيو ته سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ سبب گرمي جي ڪري شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهر مان سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪري سيپڪو عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*