نيب لاهور  مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف کي صاف پاڻي ڪمپني اسڪينڊل ۾ سڀاڻي طلب ڪري ورتو

نيب لاهور  مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف کي صاف پاڻي ڪمپني اسڪينڊل ۾ سڀاڻي طلب ڪري ورتو، ساڳئي ڪيس ۾ ايل ڊي اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر احد چيما گرفتار ٿي چڪو آهي

نيب لاهور پنجاب جي 56 ڪمپنين جي اسڪينڊل ۾ شهبازشريف کي مبينا ڪرپشن بابت سوالنامي جا جواب ڏيڻ لاءِ سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.

شهباز شريف تي مهانگا ۽ من پسند  ٺيڪا ڏيڻ جا الزام آهن.

شهباز شريف اڳ به صاف پاڻي اسڪينڊل ڪيس ۾ نيب آڏو پيش ٿي چڪو آهي،  جنهن دوران نيب لاهور جي گڏيل جاچ ٽيم  ٻن ڪلاڪن تان سوال پڇيا هئا.

واضح رهي ته ساڳئي ڪيس ۾ پنجاب پاور ڪمپني جو سي اي او ۽ ايل ڊي اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر احد چيما نيب جي حراست ۾ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*