ميھڙ ۾ کير جي واپارين کان مهينو اڳ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف واپارين ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو
ميھڙ ۾ کير جي واپارين کان مهينو اڳ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ واري واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف واپارين ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.
واپارين ۽ ڳوٺ لونگ تنيو واسين امجد تنيو، سراج احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت گهنٽاگهر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي هنن چيو ته ڦورن مهينو اڳ کير جي واپارين سجاد شاهه، نديم لاشاري ۽ ٻين کان موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
هنن گهر ڪئي ته ڦر واري واقعي جا جوابدار گرفتار ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي..