ٺارو شاهه واسي پيرسن ڳوٺاڻي، مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان ڌيءُ بازياب نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ٺارو شاهه واسي پيرسن ڳوٺاڻي، مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان ڌيءُ بازياب نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ خاوند ڏنو موريو واسي پيرسن بخش چنو ٺارو شاهه پريس ڪلب پهچي دانهيو ته بااثر جي ملازمن اياز پنهور، مکڻ پنهور  ساٿين سان گڏجي 15 ڏينهن اڳ سندس گهر تي ڪاهه ڪري سندس نوجوان ڌيءُ زينب کي اغوا ڪري ويا هئا، جنهن کي پوليس بازياب نه پئي ڪرائي.

هن چيو ته سندس ڌيءُ کي اغوا ڪندڙ جوابدار بااثر جا ملازم آهن، جن مان اياز پنهور کيس نياپو موڪليو آهي ته هن ڌيءُ زينب سان نڪاح ڪري ڇڏيو آهي.

پيرسن، ايس ايس پي نوشهروفيروز کان گهر ڪئي ته سندس اغوا ٿي ويل ڌيءُ کي بازياب ڪرائي اصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*