جيڪب آباد ويجهو ٻن ڀائرن ۾ گهرو معاملي تان جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب عورت مارجي وئي

جيڪب آباد ويجهو ٻن ڀائرن ۾ گهرو معاملي تان جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب عورت مارجي وئي.

ڳوٺ گلاب جکراڻي ۾ شهمير جکراڻي ۽ مشتاق احمد جکراڻي ۾ گهرو معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ شهمير جکراڻي جي گهرواري مهر خاتون مارجي وئي، جوابدار مشتاق جکراڻي فرار ٿي ويو.

پوليس مقتولا عورت جو لاش سول اسپتال جيڪب آباد مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*