پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگرد خوف وارو ماحول پيدا ڪري چونڊون متلوي ڪرائڻ چاهين ٿا

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگرد خوف وارو ماحول پيدا ڪري چونڊون متلوي ڪرائڻ چاهين ٿا، پارليامينٽ ۾ خلائي مخلوق جي مدخلت نه هئڻ گهرجي، بدترين آمريت کان ڪمزور جمهوريت بهتر  آهي، ادارا ٽڪراءُ بدران پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪم ڪن، پ پ کي ڀت سان لڳائڻ واري سازش ناڪام بڻائي ويندي.

مالاڪنڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ کي چونڊن کان روڪيو پيو وڃي، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون سمجهه کان ٻاهر آهن.

هن چيو ته چونڊن لاءِ بهتر ماحول نه ملي رهيو آهي، صاف ۽ شفاف چونڊون سندن آئيني حق آهي، اليڪشن کي تڪراري بڻائڻ سان پارليامينٽ ڪمزور ٿيندي ۽ جڏهن ته پارليمينٽ ڪمزور ٿي ويندي آهي ته عوام جا مسئلا حل ناهن ٿيندا.

پ پ چيئرمين چيو ته ادارن ۾ ٽڪراءُ نه هئڻ گهرجي، سمورا ادارا پنهنجي آئيني  حدن ۾ رهي ڪم ڪن، عوامي مسئلا پارليامينٽ ۾ ئي حل ٿيڻ گهرجن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بدترين آمريت کان ڪمزور جمهوريت بهتر آهي، هو انهيءَ فلسفي تي ڪم ڪري رهيا آهن، عوام جي جذبي مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون سمجهه کان ٻاهر آهن، پ پ سميت ڪجهه پارٽين کي چونڊن کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هڪ سوال جَي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارليامينٽ ۾ خلائي مخلوق جي مداخلت نه هئڻ گهرجي، اداران ۾ ٽڪراءُ سان ملڪ کي نقصان پهچندو.

پ پ چيئرمين چيو ته دهشتگرد خوف وارو ماحول پيدا ڪري چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا، پر پ پ ڪنهن به صورت ۾ اليڪشن ۾ دير ٿيڻ نه ڏيندي.

ڊيمن جي فنڊز بابت سوال جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊيمن جي تعمير لاءِ فنڊز جمع ڪرڻ چيف جسٽس جو ڪم نه آهي، جڏهن ته ڊيمن جي تعمير جو ڪم حڪومت جو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*