تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته احتساب عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد قانون جي بالادستي آهي

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته احتساب عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد قانون جي بالادستي آهي، حڪومت فوري طور لٽيل قومي دولت واپس آڻڻ لاءِ انتظام کڻي، پاڪستانين طرفان شعور جو مظاهرو ڪيو ويو، جيڪو واکان جوڳو آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان سينيئر قانون دان ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي ملاقات ٿي، جنهن دوران شريف ڪٽنب خلاف احتساب عدالت جي فيصلي سميت مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن موجب، ملاقات دوران عمران خان بابر اعواڻ کي شهباز شريف خلاف ڪيسز تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ان موقعي تي عمران خان چيو ته احتسات عدالت جي فيصلي تي عمل قانون جي بالادستي آهي، حڪومت فوري طور لٽيل قومي دولت ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ انتظام کڻي،

عمران خان پنهنجي خلاف نيب جي جاري نوٽيس جي آجيان ڪندي چيو ته قانون جي حڪمراني تي يقين رکون ٿا، نوٽيس جو جواب ڏينداسين.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته پاڪستانين طرفان جنهن شعور جو مظاهرو ڪيو ويو، اهو واکاڻ جوڳو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*