پاڪستان مهاجرن بابت عالمي معاهدي تي ٿيل اتفاق جي آجيان ڪري ڇڏي، مليحه لوڌي چيو آهي ته مهاجرن جي تحفظ بابت معاهدي لاءِفريم ورڪ تي اتفاق تاريخي آهي

پاڪستان مهاجرن بابت عالمي معاهدي تي ٿيل اتفاق جي آجيان ڪري ڇڏي، مليحه لوڌي چيو آهي ته مهاجرن جي تحفظ بابت معاهدي لاءِفريم ورڪ تي اتفاق تاريخي آهي، معاهدي تي عملدرآمد لاءِ ملڪ قانوني طور پابند نه آهن.

پاڪستان مهاجرن بابت عالمي معاهدي تي ٿي اتفاق جي آجيان ڪري ڇڏي آهي.

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته مهاجرن جي تحفظ بابت ٿيل معاهدي لاءِ فريم ورت تي اتفاق تاريخي موقعو آهي. جنهن ۾ مهاجرن جي مسئلن بابت حل ڳولهيو ويو آهي.

هن چيو ته معاهدي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ ملڪَ قانوني طور پابند نه آهن پر معاهدي تي اثرائتي عمل سان خطي ۽ قومي سطح تي قدم کڻڻ ممڪن ٿي ويندا.

مليحه لوڌي چيو ته عالمي سربراهن ڊسمبر ۾ معاهدي کي حتمي شڪل ڏني هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*