پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ عمران خان جي سڃاڻپ آهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ عمران خان جي سڃاڻپ آهي، عمران خان شاهي طوطو ته بڻجي ويو پر سياستدان نٿو بڻجي سگهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سعيد غني چيو ته 1992 جو ورلڊ ڪپ انضمام، وسيم اڪرم ۽ ميانداد جي ڪوششن جونتيجو هو،

هن چيو ته عمران نيازي چالاڪي سان ڪاميابي کي پنهنجي نانءُ ڪرايو، سندس خراب ڪارڪردگي جو رڪارڊ ڪرڪيٽ بورڊ وٽ موجود آهي،

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ عمران خان جي سڃاڻپ آهي، هو پي بي سي کي دوکو ڏئي ڪيري پيڪر جو حصو بڻجي ويو،

پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته عمران خان شاهي طوطو ته بڻجي ويو پر سياستدان نٿو بڻجي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*