سجاول جوڻيجي ويجهو سجاول شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري شهدادڪوٽ روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ  ڪري ڇڏيو

سجاول جوڻيجي ويجهو سجاول شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري شهدادڪوٽ روڊ تي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ  ڪري ڇڏيو.

عرضي ڀٽو موڙ وٽ شهدادڪوٽ روڊ تي آبادگارن منور ڀٽو ۽ وحيد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي بلاڪ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته سجاول شاخ ۾ پاڻي کوٽ سبب ساريالو ٻيجارو سڙي سڪي رهيو آهي، پر ڪو به عملدار ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو ته منڍ جا بااثر آبادگار شاخ ۾ غيرقانوني پائيپون هڻي پاڻي چوري رهيا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سجاول شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪري اسان کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*