اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت طرفان مليل سزا خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت طرفان مليل سزا خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي آهي، اپيل ۾ احتساب عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سزا کي معطل ڪري جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾  احتساب عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏين لاءِ اپيل داخل ڪرائي وئي آهي.

اپيل جي متن موجب، احتساب عدالت انصاف جون گهرجون پورو ڪرڻ بنا سزا ٻڌائي،

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي استدعا ڪئي وئي آهي ته احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪيو وڃي.

اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ضمني ريفرنس ۽ عبوري ريفرنس جا الزام هڪجهڙا نه هئا، وڪيل بيان ۾ ٻڌايو هو ته درخواستگذار الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو هو، جنهن سبب شڪ جو فائدو جوابدار کي ٿئي ٿو، احتساب عدالت جي جج مس ڪنڊڪٽ ڪئي.

اڊيالا جيل ۾ قيد ٽنهي جوابدارن اپيل ۾ چيو ته واجد ضياءَ جي بيان جي بنياد تي سزا ٻڌائي وئي، جيڪي جاچ آفيسر هئا انهن کي به حقيقتن جي خبر نه هئي، واجد ضياءَ جو بيان نه قبول ڪرڻ جوڳو ۽ اڻ لاڳاپيل شاهدي آهي.

اپيل ۾ چيو ويو ته واجد ضياءَ اهڙا دستاويز پيش نه  ڪري سگهيو، جنهن جو هو شاهد نه هو، سندس شاهدي ٻُڌل ڳالهين تي ٻڌل آهي.

اپيل موجب، ڪرپشن ۽ بدعنواني بابت نيب آرڊيننس جي سيڪشن 9 اي 5 تحت الزام ثابت نه ٿيا هئا. ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جي خريد جي قيمت ٻڌائڻ بنا سزا ٻڌائڻ جو جواز به نه ٿو ٺهي.

اپيل جي متن موجب، ضمني ريفرنس ۾ نئون الزام لڳايو ويو ۽ نوازسريف کي انهي ريفرنس جي بنياد تي سزا ٻڌائي وئي.

اپيل ۾ چيو ويو ته ضمني ريفرنس ۾ ٻيهر فرد جرم لاڳو ٿيڻ گهرجي ها پر ايئن ڪرڻ بنا سزا ٻڌائي وئي ۽ احتساب عدالت شاهدن بنا فيصلو ٻڌايو.

اپيل موجب، جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ پاڻ تسليم ڪيو ته ايم ايل اي جو جواب نه آيو، ان باوجود الزام لڳائڻ بدنيتي آهي، رابرٽ ريڊلي تسليم ڪيو ته هن پاڻ ڪيبلري فونٽ ڊائون لوڊ ڪيا .

اپيل ۾ چيو ويو ته احتساب عدالت جي فيصلي کي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي پر احتساب عدالت رد ڪري جوابدارن جي غير حاضري ۾ فيصلو ٻڌايو، جڏهن ته فيصلي ۾ نوازشريف ۽ ٻين کي ڪرپشن جي الزام ۾ بري ڪيو ويو ۽ سزا به ٻڌائي وئي.

اپيل ۾ چيو ويو ته احتساب عدالت جو فيصلو حقيقتن جي ابتڙ ۽ شاهدين تي ٻڌل نه آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*