نون ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي کي آئين ۽ قانون پٽاندڙ چئلينج ڪيو آهي

نون ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي کي آئين ۽ قانون پٽاندڙ چئلينج ڪيو آهي، قانوني اُوڻـايون هجڻ ڪري فيصلي تي سوال پيدا ٿيا آهن، جي آءِ ٽي طرفان ٻُڌل ڳالهين تي رپورٽ تيار ڪئي وئي، نواز شريف تي لڳايل الزامن مان هڪ به الزام عدالت آڏو ثابت نه ڪيو ويو.

ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي ۾ سزا خلاف اپيل ڪرائڻ لاءِ شريف ڪٽنب جا وڪيل ۽ سينٽر پرويز رشيد، بيرسٽر ظفر الله اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهتا.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته ايون فيلڊ ريفرنس جي اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سزا کي معطل ڪري نواز شريف، ڪئپٽن صفدر ۽ مريم نواز کي آزاد ڪري پنهنجي زندگي گذارڻ جي اجازت ڏني وڃي،

هن چيو ته سزا خلاف اپيل داخل ڪرائڻ آئيني ۽ قانوني حق آهي.

ن ليگ سينيٽر چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ رڳو ٻڌل ڳالهيون آهن، قانوندانن فيصلي کي غير منصفاڻي هئڻ جو اشارو ڏنو آهي ۽ آڱريون کنيون آهن،

پرويز رشيد چيو ته اسان کي يقين آهي ته فيصلي کي قانون دانن ۽ اڳوڻن چيف جسٽسز فيصلي کي ڪمزور قرار ڏنو آهي.

سينيٽر چيو ته چونڊن تائين ڪنهن کي به چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ کان نه روڪيو وڃي، انهي بنياد تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي سهولت عطا ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور کي ملندڙ سهولت نوازشريف، مريم نواز، ڪئپٽن صفدر ۽ قمرالسلام کي به ڏني وڃي.

پرويز رشيد چيو ته قمر السلام سان  ناانصافي چوڌري نثار جي حق ۾ ٿي آهي.

ان موقعي تي مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز چيو ته احتساب عدالت جو فيصلو قانون موجب نه آهي پر قانون سان ٽڪراءُ ۾ آهي. فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ انصاف موجب هوندو.

امجد پرويز چيو ته اسان جو ڪيس تمام گهڻو مضبوط ۽ ميرٽ تي آهي ۽ اسان کي ريليف ملڻ جي اميد آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*