چمن ۾ اي اين پي جي اميدوار انجنيئر زمرڪ اچڪزئي جي اوطاق تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مرڪزي نائب صدر دائود اچڪزئي زخمي ٿي پيو

چمن ۾ اي اين پي جي اميدوار انجنيئر زمرڪ اچڪزئي جي اوطاق تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مرڪزي نائب صدر دائود اچڪزئي زخمي ٿي پيو.

قلعه عبدالله ۾ هٿياربندن پي بي 21 جي عوامي نيشنل پارٽي جي اميدوار انجنيئر زمرڪ اچڪزئي جي اوطاق تي فائرنگ ڪئي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ اي اين پي جو مرڪزي نائب صدر دائود اچڪزئي زخمي ٿي پيو، جڏهن ته واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا.

ليويز عملدارن موجب، فائرنگ جو واقعو قلعه عبدالله جي علائقي پير عليزئي ۾ پيش آيو.

ٻئي طرف پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ  سرچ آپريشن  شروع ڪري ڇڏيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*