مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز جو پٽ جنيد صفدر لنڊن کان لاهور پهچي ويو

مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز جو پٽ جنيد صفدر لنڊن کان لاهور پهچي ويو، ذريعن موجب، ڪئپٽن صفدر جو پٽ جنيد صفدر چونڊ مهم دوران ووٽ کي عزت ڏيو جي تحريڪ جو حصو بڻجندو.

مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ڪئپٽن صفدر جو پٽ جنيد صفدر لنڊن کان لاهور پهچي ويو آهي.

ذريعن موجب، ڪئپٽن صفدر جو پٽ جنيد صفدر  نوازشريف جي تحريڪ “ووٽ کي عزت ڏيو ”جو  حصو بڻبو.

ذريعن موجب،  جنيد صفدر پنهنجي ناني نوازشريف، پنهجي ماءُ مريم نواز ۽ پيءُ ڪئپٽن صفدر سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات به ڪندو.

واضح رهي ته لنڊن ۾  جنيد صفدر کي پي ٽي آءِ جي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن سان جهيڙي سبب لنڊن پوليس گرفتار ڪيو هو، جنهن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*