راولپنڊي، ڪشمير ۽ زوب سميت ملڪ جي مختلف علائقن سانوڻي جي برساتن جو نئون سلسلو شروع  ٿي ويو

راولپنڊي، ڪشمير ۽ زوب سميت ملڪ جي مختلف علائقن سانوڻي جي برساتن جو نئون سلسلو شروع  ٿي ويو،  سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، موسميات کاتي موجب، راولپنڊي، هزاره، ڪشمير، زوب، قلات، گلگت بلتستان سميت مخلتف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي.

دڪي، موسيٰ خيل، زمري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات کان موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

زوب جي ڪوهه سليمان، ميختر، راڙه هاشم، درابند ۾ تيز برساتن کانپوءِ پهاڙي علائقن ۾ ندين نالن ۾ چاڙهه کانپوءِ زوب، ڊي آءِ خان شاهراهه تي ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿي وئي.

موسميات کاتي موجب، ملڪ ۾ اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان آهي،

موسميات کاتي موجب، هزاره، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته مردان ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن سان برسات ٿيندي.

موسميات کاتي موجب، گلگت بلتستان، هزاره ڊويزن، راولپنڊي، مالا ڪنڊ، پشاور ۽ ڪوهاٽ جي اڪثر علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات  کاتي موجب، سرگوڌا، فيصل آباد، ساهيوال، بهاولپور، ملتان ۽ ڊي جي خان ۾ به برسات جو امڪان آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*