حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري  حر جماعت کي ڊيمز جي تعمير لاءِ چندو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري  حر جماعت کي ڊيمز جي تعمير لاءِ چندو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پير پاڳاري چيو آهي ته ڀاشا ڊيم نه ٺهيو ته ايندڙ وقت هتي پيئڻ جو پاڻي دستياب نه هوندو.

 سانگهڙ ۾ تاريخي گڙنگ بنگلي تي جي ڊي اي سربراهه حر جماعت کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن عروج تي آهي  پرڏيهه ۾ سياستدانن کان وڌيڪ ڪرپٽ آفيسرن جا پئسا آهن، پئسن جي واپسي ۾ رڪاوٽون آهن، هن چيو جلد پنهنجي ڪرپٽ حڪمرانن مان جان  ڇٽڻ واري آهي.

 حر جماعت کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ڀاشا ڊئم ۽ مهمند ڊئم جي تعمير لاءِ فنڊ قائم ڪيو آهي حر جماعت ان ۾ چندو جمع ڪرائي.

 پير پاڳاري چيو ته ڀاشا ڊئم نه ٺهيو ته ايندڙ وقت هتي پيئڻ جو پاڻي به ميسر نه هوندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*