ملير ۾ خانگي ڪمپني جي برطرف پورهيتن پاران بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

ملير ۾ خانگي ڪمپني جي برطرف پورهيتن پاران بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

 برطرف ملازمن عوامي ورڪرز پارٽي جي سينئر نائب صدر يوسف مستي خان جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڪمپني جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪمپني انتظاميه غريب پورهيتن کي برطرف ڪري ناانصافي ڪري رهي آهي.

 هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته برطرف ملازمن کي بحال ڪري کين سڀئي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*