ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ حاجي محمد صديق لاکو ۾ چونڊ مهم تي پهتل پي پي اميدوارن کان ڳوٺاڻن سخت پڇاڻو ڪيو آهي

ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ حاجي محمد صديق لاکو ۾ چونڊ مهم تي پهتل پي پي اميدوارن کان ڳوٺاڻن سخت پڇاڻو ڪيو آهي، ڳوٺاڻن  اميدوارن کي چيو ته سندن ڳوٺ جا گوادر ۾ 9 پورهيت شهيد ٿي ويا پر سنڌ حڪومت ڪجهه به نه ڏنو آهي.

 اين اي 211  تي  پي پي اميدوار سيد ابرار علي شاهه ۽ پي ايس 33 تي پ پ اميدوار سرفراز شاهه ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ حاجي صديق لاکو پهتا ته ڳوٺاڻن کانئن لائوڊ اسپيڪر تي سخت پڇاڻو ڪيو آهي.

چونڊ مهم تي آيل پ پ اميدوارن کي  ڳوٺاڻن چيو ته هو  پي پي جا ووٽرز آهن پر ڳوٺ کي نظر  انداز ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته هتي قائم اسڪول جي عمارت زبون آهي ۽ پڇڙيءَ جي آبادگارن کي پاڻي نه ٿو ملي.

 هنن وڌيڪ چيو ته گوادر ۾ اسان جي ڳوٺ جا 9 پورهيت شهيد ٿيا پر سنڌ حڪومت ڪجهه نه ڏنو آهي، چونڊيل عوامي نمائندن ان وقت اعلان ڪيا پر عمل نه ٿيو، ڳوٺ جو روڊ به تعمير نه ڪيو ويو آهي.

 ڳوٺاڻن جي پڇاڻي تي چونڊ مهم تي پهتل پي پي اميدوار خاموشي سان  ڳوٺاڻن جون شڪايتون ٻڌندا رهيا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*