خيبر ايجنسي ۾ آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي جي علائقي نازيان ۾ آمريڪي ڊرون  حملي جي نتيجي ۾ بندش پيل تنظيم لشڪر السلام جي ڪمانڊرن سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا، سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ لشڪر السلام جي سربراهه جو ڊرائيور به شامل  آهي.

 ذريعن موجب، آمريڪي ڊرون جهاز خيبر ايجنسي ويجهو پاڪ-افغان سرحدي علائقي نازيبان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر السلام جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ 2 ميزائيل فائر ڪيا.

ذريعن موجب، ڊرون حملي جي نتيجي ۾ ٺڪاڻن اندر پناهه وٺي ويل پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر السلام جي 7 ڪمانڊرز سميت 9 دهشتگرد مارجي ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾  لشڪر السلام جي سربراهه ناصر باغ جو ڊرائيور به شامل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*