پ پ اڳواڻ ملڪ اسد سڪندر جي ويجهي ساٿي ڪانڀو خان برهماڻي ڄامشورو اتحاد ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي

پ پ اڳواڻ ملڪ اسد سڪندر جي ويجهي ساٿي ڪانڀو خان برهماڻي ڄامشورو اتحاد ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي.

ڄامشورو اتحاد جي اميدوارن جلال محمود شاهه، ملڪ پنگيز خان ۽ صالح محمد برهماڻي ٿاڻو بولا خان ۾ ڪانڀو خان برهماڻي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران اڳواڻن ۾ عام چونڊن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ڪانڀو خان برهماڻي کي ڄامشورو اتحاد ۾ شموليت جي دعوت به ڏني وئي.

پ پ اميدوار ملڪ اسد سڪندر جي ويجھي ساٿي ڪانڀو خان برھماڻي قائل ٿيڻ تي ڄامشورو اتحاد ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*