ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سميت ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار سميت ٻين جوابدارن کي پيش ڪيو ويو.

جوابدارن جي وڪيل پاران ٻي ڪيس ۾ ضمانت لاءِ دليل مڪمل ڪري ورتا آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي استغاثه پاران دليل ڏنا ويندا.

نقيب الله جي والد محمد خان جج تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

محمد خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته رائو انوار جي گرفتاري کان وٺي هن وقت تائين اسان جي ڪنهن به درخواست کي نه ٻڌو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو ته جج درخواست ڏيڻ باوجود رائو انوار جي پروٽوڪول جو نوٽيس نه ورتو، شاهدن کي ڌمڪين بابت درخواست تي فيصلو نه ڪيو ويو.

 درخواست ۾ چيو ويو ته رائو انوار جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر کي ٻڌڻ بغير فيصلو ڪيو  ويو آهي، تنهن ڪري ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي رائو انوار چيو ته فريادي کي هروڀرو ڳالهين مان ڪو فائدو نه ٿيندو، اسان قانوني طور تي ڪيس وڙهي رهيا آهيون.

 هن چيو ته اڄ ٻين جوابدارن جي وڪيلن جي دليلن مڪمل ڪيا آهن، ڪنهن به جوابدار خلاف ڪي به ثبوت ناهن.

 رائو انوار چيو ته سڀني کي زبردستي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو آهي، شاهد اڃاتائين عدالت نه آيا آهن انهن کي ڌمڪيون ڪيئن مليون آهن.

هن چيو ته پوليس جن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن، انهن جي بيان ۾ فرق آهي، شاهدن جا بيان الڳ الڳ آهن ان ڪري حقيقت واضع ٿي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*