سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلڪي هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هلڪي هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ موسم جهڙالي رهندي.
ڪراچي جي ملير واري علائقي گلشن حديد، شاهه فيصل ڪالوني، کوکڙا پار، قائد آباد ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي هلڪي برسات سان موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
نوابشاهه، سانگهڙ، دوڙ، ٻانڌي، سڪرنڊ، شاهپور چاڪر ۽ ٻين شهرن ۾هلڪي هلڪي بوندا باندي کانپوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي.
موسمات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جهڙالي رهندي، ڪٿي ڪٿي هلڪي برسات جا امڪان آهن .