هالي ووڊ جي اينيميٽيڊ ڪاميڊي فلم “هوٽل ٽرانسيلوينيا ٿري : سمر وئڪيشن” رليز ٿيندي ئي امريڪي باڪس آفيس تي ڇائنجي وئي

هالي ووڊ جي اينيميٽيڊ ڪاميڊي فلم “هوٽل ٽرانسيلوينيا ٿري : سمر وئڪيشن” رليز ٿيندي ئي امريڪي باڪس آفيس تي ڇائنجي وئي، پهرئين ويڪ اينڊ تي 4 ڪروڙ ڊالرز جو ڪاروبار ڪري ٽاپ پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو آهي.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب سوني پڪچرس جي نئين فلم ٽن ڏينهن جي نمائش ۾ 4 ڪروڙ 40 لک ۽ 10 هزار ڊالرس جو بزنس ڪيو، جڏهن ته فلم “اينٽ_ مين ائنڊ دي واسپ” امريڪي باڪس آفيس تي ٻه ڪروڙ 90 لک 10 هزار ڊالرس ڪمائي ٻئين نمبر تي رهي.

 جاري ڪيل باڪس آفيس رپورٽ موجب فلم“ سڪاءِ  اسڪريپر ” ٽيون نمبر حاصل ڪيو، جنهن ٻه ڪروڙ پنجاهه لک ۽ 50 هزار ڊالرس جو ڪاروبار ڪيو.

ٻئي طرف فلم “ انڪريڊبلز 2” وڌيڪ هڪ ڪروڙ سٺ لک 20 هزار ڊالرز ڪمائي ٽاپ فائيو جي لسٽ ۾چوٿون نمبر تي شامل رهي، جڏهن ته “جراسڪ ورلڊ : فالن ڪنگڊم ” هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالرس جو ڪاروبار ڪري پنجون نمبر حاصل ڪيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*