پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر بخاري چيو آهي ته نيازي کي 22 سالن کان چوري دروازي جي ڳولها آهي

پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر بخاري چيو آهي ته نيازي کي 22 سالن کان چوري دروازي جي ڳولها آهي، هو چور دروازي کان اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو، هاڻ هو پريشان آهي، عمران خان ياد رکي ته جادو سان ووٽ تبديل نه ٿيندا.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد نيئر بخاري چيو ته نيازي کي 22 سالن کان چوري دروازي جي ڳولها آهي، هو چور دروازي کان اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو، هاڻ هو پريشان آهي،

هن چيو ته 25 جولاءِ کانپوءِ نيازي کي اقتدار نه ملندو پر هو پاڳل خاني ۾ هوندو،

نيئر بخاري چيو ته سياسي مخالفن کانپوءِ صحافي نيازي جي نشاني تي آهن، عمران خان ياد رکي ته جادو سان ووٽ تبديل نه ٿيندا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*