مستونگ سانحي جي جاچ لاءِ پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي جي ٽيم آپگهاتي حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي جي لاءِ جزا حاصل ڪري ورتا آهن

مستونگ سانحي جي جاچ لاءِ پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي جي ٽيم آپگهاتي حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي جي لاءِ جزا حاصل ڪري ورتا آهن، ڊي آءِ جي ڪوئيٽا جو چوڻ آهي ته فرانزڪ ٽيم ٽن ماهرن تي ٻڌل آهي، جيڪا واقعي هنڌ جو دورو ڪري شاهديون گڏ ڪندي.

مستونگ سانحي جي جاچ لاءِ پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي جي ٽيم ڪوئيٽا پهچي وئي آهي،

ڊي آءِ جي ڪوئيٽا جو چوڻ هو ته فرانزڪ ٽيم  ٽن ماهرن تي ٻڌل آهي، جيڪا واقعي واري هنڌ جو دورو ڪندي ۽ شاهديون گڏ ڪندي.

ڊي آءِ جي ڪوئيٽا موجب، لاڳاپيل ليويز ۽ ضلعي انتظاميا به شاهديون گڏ ڪيون آهن، جيڪي فرانزڪ سائنس ايجنسي جي ٽيم حوالي ڪيون وينديون.

ڊي آءِ جي موجب، آپگهاتي حملي جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي لاءِ جزا به ورتا ويا آهن، جيڪي فرانزڪ ٽيم حوالي ڪيا ويندا.

واضح رهي ته مستونگ سانحي ۾ شهيدن جو انگ 149 ٿي ويو آهي.

مستونگ جي ڊپٽي ڪمشنر قائم لاشاري ڌماڪي ۾ 149 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو هو ته حملي ۾ 186 ڄڻا زخمي ٿيا. ڌماڪي جي شهيدن ۽ زخمين جي ڊيٽا مڪمل ڪري ورتي آهي. ………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*