بالي ووڊ جي سپر اسٽار ڪترينا ڪيف اڄ پنهنجي 35 هين سالگرهه جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، کيس بالي ووڊ جي باربي ڊول به چيو وڃي ٿو

بالي ووڊ جي سپر اسٽار ڪترينا ڪيف اڄ پنهنجي 35 هين سالگرهه جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، کيس بالي ووڊ جي باربي ڊول به چيو وڃي ٿو.

ڪترينه ڪيف 16 جولاءِ 1983 ۾ هانگ ڪانگ ۾ جنم ورتو ۽ ننڍڙي عمر ۾ ئي ماڊلنگ جي دنيا ۾ پير پاتو.

 ماڊلنگ دوران ئي کيس ڀارتي نزاد برطانوي نزاد فلم هدايت ڪارڪيزاد گستاد فلم “ بوم ” ۾ اداڪاري جي آڇ ڪئي جنهن ۾ اميتاڀ بچن ۽ گلشن گروور جهڙي وڏي اسٽارز پرفارم ڪيو هو، جنهن بعد هن تيلگو ۽  ٻين فلمز ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

 بالي ووڊ ۾ سندس اصل انٽري 2005 ۾ ٺاهيل بلاڪ بسٽر فلم “سرڪار” ذريعي ٿي جنهن کان پوءِ هن ڪڏهن پٺتي مڙي نه ڏٺو.

 ڪترينه جو شمار انهن اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو، جن ٿوري ئي عرصي ۾ اداڪاري ذريعي وڏو نالو پيدا ڪيو.

 ڪترينه موجب ته  سندس شاندار ڪيريئر ۾ سلمان خان جو اهم ڪردار آهي، جنهن هر مشڪل وقت ۾ سندس ساٿ ڏنو آهي.

 ڪترينه ڪيف هن مهل پنهنجي فلمي ڪيريئر جي عروج تي آهي سالگرهه جي موقعي تي کيس مداحن پاران واڌايون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*