تحريڪ انصاف اميدوار فيصل واوڊا سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

تحريڪ انصاف اميدوار فيصل واوڊا سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته مان اين اي 249 تي چونڊ وڙهي رهيو آهي، تنهن ڪري مون سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي مقابلي ۾ ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن، ڏوهارين ۽ ڪرپشن خلاف آواز اٿارڻ تي سڪيورٽي خدشا آهن، چونڊن تائين سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي 19 جولاءِ تائين نوٽيس جاري ڪندي آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته پي ٽي ٽي آءِ اميدوار فيصل واوڊا کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته ميئر وسيم  اختر بابت ڪروڙين روپين جو ڪرپشن ڪيس نيب کي ڏنو آهي، ڪرپشن ڪيس باوجود وسيم اختر اڄ به ميئر آهي.

هن چيو ته اڳوڻي آءِ جي اي ڊي خواجا پنهنجا پيٽرول پمپس بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان دوستي ڪئي هئي.

 هن چيو ته منهنجو مقابلو صرف شهباز شريف ناهي پر سڀني سان آهي، شهباز شريف ايم ڪيو ايم کي 25 ڪروڙ ۾ خريد ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*