ڪراچي جي سبزي منڊي ڀرسان عسڪري پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ واري واقعي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي

ڪراچي جي سبزي منڊي ڀرسان عسڪري پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ واري واقعي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، ڪرائيم سيل انويسٽيگيشن ايسٽ جي ٽيم جهولو ڪرڻ واري واقعي  جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي آهي.

شروعاتي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو ته  جهولي جو بولٽ ٽٽڻ سبب گراڙيون سلپ ٿيڻ ڪري واقعو پيش آيو آهي.

عسڪري پارڪ ۾ گذريل ڏينهن جهولو ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ نينگري فوت ٿي وئي هئي ۽ ٻن عورتن سميت 18 ڄڻا سخت زخمي ٿيا هئا.

گورنر سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺي ڪمشنر ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*