ملير جي شهيد بينظير ڀٽو ايليٽ ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ 1398 پوليس اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب منقعد ڪئي وئي

ملير جي شهيد بينظير ڀٽو ايليٽ ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ 1398 پوليس اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب منقعد ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي ٽريننگ شرجيل کرل چيو ته نوجوان پوليس اهلڪارن کي بهتر ٽريننگ ڏني وئي آهي.

هن چيو ته پاسنگ آئوٽ ڪندڙ نوجوانن کي مختلف پوليس اسٽيشنن ۾ مقرر ڪيو ويندو، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.

ڊي آءِ جي ٽريننگ شرجيل کرل پريڊ دوران بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي شيلڊ،گولڊ ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*