هالي ووڊ مشن امپاسيبل سيريز جي نئين ايندڙ فلم “مشن امپاسيبل : فال آئوٽ ” جو لنڊن ۾ پريميئر ٿيو

هالي ووڊ مشن امپاسيبل سيريز جي نئين ايندڙ فلم “مشن امپاسيبل : فال آئوٽ ” جو لنڊن ۾ پريميئر ٿيو، جنهن ۾ فلمي ستارن ريڊ ڪارپيٽ تي واڪ به ڪيو.

 پريميئر واري تقريب جي موقعي تي ناليواري اداڪار ٽام ڪروز ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.

 ان موقعي تي ايڪشن سان ڀرپور هن فلم جي هدايت ڪار ۽ ڪاسٽ ۾ شامل اداڪارن فلم جي ڪاميابيءَ بابت اميد جو اظهار ڪيو ۽ شوٽنگ دوران پيش آيل واقعا بيان ڪيا.

 ياد رهي ته، 2015 ۾ رليز ٿيل هن سيريز جي فلم “مشن امپاسيبل روگ نيشن” صرف 6 سئو ٻياسي ملين ڊلرز جو بزنس ڪيو هو.

 فلم مشن امپاسيبل فال آئوٽ 25 جولائي تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*