اليڪشن ڪميشن عام چونڊن دوران جعلسازي ۾ ملوث چونڊ عملي جي جزا ۽سزا مقرر ڪري ڇڏي آهي

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن دوران جعلسازي ۾ ملوث چونڊ عملي جي جزا ۽سزا مقرر ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب چونڊ عملي طرفان ڪاغذن ۾ هيرا ڦيري ڏوهه هوندو ۽ ڄاڻي واڻي بيلٽ پيپر جي سرڪاري ٺپي کي خراب ڪرڻ سميت بيلٽ باڪس جي سيل ٽوڙڻ به ڏوهه تصور ڪيو ويندو.

اليڪشن جي ڏينهن ڪهڙو ڪم غيرقانوني ۽ ڏوهه تصور ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن تعين ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، چونڊ عملي طرفان ڪاغذن ۾ ڪو به رد عمل ڏوهه هوندو ۽ ڄاڻي واڻي بيلٽ پيپر تي سرڪاري ٺپو هڻي خراب ڪرڻ به ڏوهه هوندو.

اليڪشن ڪميشن موجب، بيلٽ پيپرز کڻڻ، ٻيو بيلٽ پيپر وجهڻ، بيلٽ باڪس جي سيل ٽوڙڻ ۽ ٺپي سان جعلسازي به ڏوهه هوندي، جنهن تي چونڊ عملي کي 6 مهينا قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، ووٽر کي مجبور ڪرڻ، ووٽ ۽ چونڊ نتيجن تي اثر انداز ٿيڻ به غير قانوني هوندو ۽ ووٽر جي رازداري ظاهر ڪرڻ به ڏوهه هوندو.

اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته بيلٽ پيپرز تي لڳل ٺپي بابت ڪنهن کي اطلاع ڏيڻ به غير قانوني هوندو، جنهن تي چونڊ عملي کي 2 سال قيد، هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، ووٽن جي ڳڻپ ۽ اميدوار جي حق ۾ ووٽ وجهڻ جو اطلاع ڏيڻ تي ڇهه مهينا قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سگهجي ٿي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*