پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، چوندون شفاف ۽ وقت سر ٿيڻ گهرجن

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، چوندون شفاف ۽ وقت سر ٿيڻ گهرجن، افغانستان ۽ عراق ۾ به دهشتگردي جي ماحول ۾ چونڊون ٿيون هيون، عوام 25 جولاءِ تي ووٽ جي طاقت سان دهشتگردن کي شڪست ڏيندو، نگران حڪومت جي ترجيح سيڪيورٽي هجڻ گهرجي، اسان خوف جي ماحول ۾ چونڊون وڙهي رهيا آهيون.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ سراوان هائوس پهچي سراج رئيساڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جا واقعا ڪٿي به نه هئڻ گهرجن، اسان اليڪشن هڪ خوف جي ماحول ۾ وڙهي رهيا آهيون.

هن چيو ته  اليڪشن کان اڳ دهشتگرديءَ جا واقعا ٿي رهيا آهن، جيڪي افسوس جوڳا آهن.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو هو ته دهشتگردن جي  چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي، پر ايئن نه ٿيو، اسان جي پهرين ترجيح سڪيورٽي هئڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ کي اميد آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون.پاڪستاني قوم بهادر آهي، 25 جولاءِ تي ووٽ جي مدد سان دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين. ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*