عذير بلوچ کي دبئي مان ڏيهه آڻڻ لاءِ ويل پوليس ٽيم واپس ڪراچي پهچي وئي

عذير بلوچ کي دبئي مان ڏيهه آڻڻ لاءِ ايس ايس پي نويد خواجه جي سربراهي ۾ ويل پوليس جي ٽيم واپس ڪراچي پهچي وئي آهي، نويد خواجه جو چوڻ آهي ته دبئي اختيارين عذير بلوچ کي ايندڙ مهيني سندن حوالي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

عذير بلوچ کي ڏيهه آڻڻ لاءِ سنڌ سرڪار ايس ايس پي نويد خواجه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني ٽيم دبئي موڪلي هئي، جيڪا خالي هٿين واپس ڪراچي پهچي وئي آهي.

ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته عذير بلوچ کي ڏيهه آڻڻ لاءِ سمورا قانوني دستاويز مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ دبئي اختيارين عذير بلوچ کي ايندڙ مهيني سندن حوالي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عذير بلوچ کي ڪجهه اندر دبئي ۾ آزاد ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*